رانديون

ڏکڻ آفريقا ويمنز خلاف هوم سيريز لاءِ ٽڪيٽن جا اگهه مقرر

پي سي بي پاڪستان ويمنز جي ڏکڻ آفريقا ويمنز خلاف هوم سيريز لاءِ ٽڪيٽن جا اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي سڀاڻي کان آن لائن خريد ڪري سگهبيون. ميڊيا مطابق پي سي بي جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي تھ پي سي بي سڀاڻي کان ٽڪيٽن جو وڪرو شروع ڪندي، جنهن جا اگهه 100 کان 150 رپيا مقرر ڪيا ويا آهن. بيان موجب ڪراچي ۾ شيڊل 3 ٽي 20 ۽ 3 ون ڊي ميچ کڏيا ويندا، جن ۾ پهرين، 3 ۽ 4 سيپٽمبر تي ٽي 20 ميچ ٿيندا ۽ 8، 11 ۽ 14 سيپٽمبر تي ون ڊي ميچ کيڏيا ويندا. اهڙي طرح پهرين ون ڊي ميچ جي ٽڪيٽ پهرئين ۽ ٻئي ون ڊي توڙي ٽي 20 ميچن جي ٽڪيٽ 100 رپين ۽ ٽئين ون ڊي ۽ ٽي 20 ميچن جي ٽڪيٽ 150 رپين ۾ ملي سگهندي. جڏهن تھ هڪ سڃاڻپ ڪارڊ تي 4 ٽڪيٽون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. پي سي بي جي ڊائريڪٽر ڪمرشل عثمان وحيد جو چوڻ آهي تھ ڏکڻ آفريقا ويمن ٽيم پهريون ڀيرو اچي پئي، چاهيون ٿا تھ ماڻهو وڌ کان وڌ اسٽيڊيم اچي ميچ ڏسي سگهن، تنهنڪري اگهه عام ماڻهو جي پهچ موجب رکيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button