رانديون

ايشيا ڪپ جي سيڪيورٽي لاءِ فوج رينجرز مقرر ڪرڻ جي منظوري

وفاقي ڪابينا ايشيا ڪپ جي سيڪيورٽي لاءِ فوج رينجرز مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق وفاقي ڪابينا سيڪيورٽي لاءِ گهرو وزارت موڪليل سمري جي سرڪيوليشن ذريعي منظور ڪئي آهي. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي تھ ايشيا ڪپ جي ميچن جي سيڪيورٽي تي فوج ۽ رينجرز جي مقرري اڄ 27 آگسٽ کان 6 سيپٽمبر تائين ٿيندي. جڏهن تھ پنجاب رينجرز سيڪنڊ ٽيرڪيو آر ايف موڊ ۽ فوج ٿرڊ ٽيرڪيو آر ايف موڊ ۾ مقرر ڪئي ويندي. حڪومتي ذريعن جو چوڻ هو تھ ايشيا ڪپ جي ميچن جي سيڪيورٽي لاءِ اسپيشل فورسز کي اسٽينڊ بائي حالت ۾ رکيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button