رانديون

اسپينش فٽبال فيڊريشن جو صدر معطل، ماءُ پاران بک هڙتال

اسپينش فٽبال فيڊريشن جي صدر لوئس روبيلز کي اختيارين رانديگرياڻي جيني هرموسو کي ويمنز فٽبال ورلڊ ڪپ کٽڻ جي خوشي ۾ جشن دوران چمي ڏيڻ واري معاملي جي جاچ جاري رکي آهي ۽ في الحال فيڊريشن جي صدر لوئس روبيلز کي معطل ڪيو ويو آهي. ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ اسپينش فٽبال فيڊريشن جي معطل صدر روبيلز جي ماءُ پٽ کي بيگناهه قرار ڏيندي ان سان انصاف ٿيڻ تائين اسپين جي مقامي چرچ ۾ بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ تصديق ڪئي وئي آهي تھ روبيلز جي ماءُ چرچ ۾ پادري جي ڀر واري جڳهه تي احتجاج لاءِ ويٺي آهي. روبيلز جي والدا جو چوڻ هو تھ پٽ بيگناهه آهي، ان سان غيرانساني سلوڪ ڪيو پيو وڃي، هو ان سزا جو حقدار ناهي. هن چيو تھ جڏهن کان هي مسئلو ٿيو آهي، مان چرچ ۾ پٽ سان انصاف لاءِ اچي رهي آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button