رانديون

ايشيا ڪپ جا مقابلا سڀاڻي کان شروع، افغان ٽيم بھ پاڪستان پهچي وئي

پاڪستان جي ميزباني ۾ ايشيا ڪپ 2023ع جا مقابلا سڀاڻي کان شروع ٿي رهيا آهن، جنهن جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. جڏهن تھ ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم پڻ پاڪستان پهچي وئي آهي. ميڊيا مطابق ايشيا ڪپ جي ميچن ۾ شرڪت لاءِ نيپال جي ٽيم اڳ ئي پاڪستان اچي چڪي آهي، جنهن جو رهيل اهم رابديگر سنديپ لامي بھ هڪ اڌ ڏينهن ۾ پهچي ويندو. هوڏانهن ايونٽ جي پهرين افتتاحي ميچ سڀاڻي 30 آگسٽ تي ميزبان پاڪستان ۽ نيپال جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي. جڏهن تھ افغانستان جي ٽيم پاڪستان پهچڻ بعد سخت سڪيورٽي ۾ رهائش واري هوٽل ۾ پهچائي وئي آهي، جيڪا آرام ڪرڻ بعد اڄ ميدان تي اچي ڀرپور پريڪٽس ڪندي. ٻئي پاسي پاڪستاني ٽيم جي نئين جرسي متعارف ڪرائڻ واري تقريب ۾ ڳالهائيندي پي سي بي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي سربراهه ذڪا اشرف چيو آهي تھ پاڪستاني ٽيم ون ڊي ۾ نمبر ون آهي، اها سٺو پڻ کيڏي آهي، تنهنڪري ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ اسان جي قسمت ۾ آهن. هن چيو تھ اسان جي دعوت تي بي سي سي آئي جو صدر ۽ نائب صدر پاڪستان اچن پيا، انهن جي روايتي مهمانوازي ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button