رانديون

سريلنڪا جو مدوشانڪا بھ زخمي ٿي ايشيا ڪپ مان نڪري ويو

سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم جو هڪ وڌيڪ رانديگر ڊلشان مدوشانڪا زخمي ٿي ايشيا ڪپ مان ٻاهر نڪري ويو آهي. ميڊيا مطابق ايشيا ڪپ جي مقابلن ۾ باقي هڪ ڏينهن رهيو آهي، پر سريلنڪا جي ٽيم ۾ زخمي ٿيندڙ رانديگرن جو انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي، تنهنڪري ٽيم لاءِ ڏکيائون وڌي ويون آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ڊلشان مدوشانڪا زخمي ٿيڻ بعد مڪمل صحتياب نھ ٿيڻ ڪري ايونٽ مان نڪري ويو آهي. جڏهن تھ لهرو ڪمارا بھ ٽيم لاءِ دستياب ناهي، ان کان اڳ  دشمانٿا چميرا بھ زخمي ٿي ايشيا ڪپ مان نڪري چڪو آهي. جڏهن تھ ونندا هسارنگا جي فٽنيس بھ اڃا سواليا بڻيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button