پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻن خلاف ڪريڪ ڊائون، عورت سميت 2 اڳواڻ گرفتار

ميرپورخاص: پراڻي ميرپور ٿاڻي تي پاڪستان تحريڪ انصاف ميرپورخاص جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف عدليه خلاف نفرت پکيڙڻ، غيرقانوني اجتماع ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ سميت ٻين قلم تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي 11 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جن ۾ اعجاز رنڌاوا، سيد ممتاز علي شاهه، آفتاب قريشي، علي رضا قائمخاني، عزيز لغاري، راجا عبدالحق، خدا ڏنو پنهور، شفيق عرف نومي، عنايت علي مري، ريحان هاشمي ۽ ڪنول اعجاز رنڌاوا شامل آهن، ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گهرن ۽ آفيسن تي ڇاپا هڻڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو. تحريڪ انصاف وومين ونگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪنول اعجاز رنڌاوا ۽ ڊويزنل صدر آفتاب قريشي گرفتار کي گهرن مان گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته نامزد ڪيل 9 اڳواڻ روپوش ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button