پاڪستانسنڌ

بڪيرا ۾ خيمي اندر اسڪول،اڪيلي ٽيچر پڙهائي جو ذمو کڻي ورتو

بڪيرا شريف: بڪيرا شريف جي ڳوٺ جئي رام جوڳي ۾ گذريل ٽن سالن کان نياڻي پارس مهراڻي پاران جوڳي ڪميونٽي جي ٻارن کي پنهنجي مدد پاڻ تحت اسڪول ۾ پڙهائي رهي آهي، اسڪول لا تعليم کاتي طرفان عمارت، فرنيچر ۽ شاگردن لا سرڪاري ڪتاب فراهم ناهن ڪيا ويا. ڳوٺ ۾ ٽينٽ اندر قائم ٿيل اسڪول جو ضلعي وائيس چيئرمين دريا خان مري وزٽ ڪري شاگردن کان سوال جواب ڪيا. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪول جي عمارت ۽ سيمز ڪوڊ لا ڊي او سيڪريٽري ڏانهن ليٽر اماڻي ڇڏيا آهن، جلد منظوري ملي ويندي، باقي فرنيچر لا ڊي او تعليم کي هدايت ڪئي آهي. ان موقعي تي معزز ڳوٺاڻن مرلي نواز جئي رام جوڳي سميت نياڻي پارس مهراڻي ۽ سندس ور محسن مهراڻي وائيس چيئرمين دريا خان مري جا ٿورا مڃيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button