رانديون

بنگلاديش 330 رنسن تي آئوٽ، پاڪستاني اوپنرن 145 رنسون ٺاهي ورتيون

بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين اننگ ۾ پاڪستان خلاف 330 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي. جڏهن تھ موٽ ۾ پاڪستان جي اوپنر شاندار بيٽنگ ڪندي 145 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق پهرين ٽيسٽ جي پهرين اننگ ۾ بنگلاديش جو لٽن داس 114 ۽ مشفيق الرحيم 91 رنسون ٺاهي ٽيم کي وڏي اننگ جا بنياد رکي ڏنا، انهن جي آئوٽ ٿيڻ بعد مهدي حسن 38 رنسن جي اننگ کيڏي سگهيو. جڏهن تھ تيجل السلام 11، ياسر علي 4، ابو جاويد 8 اسڪور ڪيو ۽ عبادت ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويا. هوڏانهن بنگلاديش جي 330 رنسن جي موٽ ۾ پاڪستان جي اوپنرن شاندار شروعات ڪندي اسڪور 145 تي پهچائي ڇڏيو ۽ راند ختم ٿيڻ تائين سندن ڪابھ وڪيٽ نھ ڪري آهي. عابد علي 2 ڇڪ ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 91 ۽ ڊيبو ڪندڙ عبداللھ شفيق 52 رنسون ٺاهي چڪا آهن. پاڪستان جي بالرن مان حسن 5 وڪيٽون ورتيون. جڏهن تھ شاهين آفريدي ۽ فهيم اشرف 2، 2 ۽ ساجد خان هڪ وڪيٽ ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button