رانديون

نيوزيلينڊ 296 رنسن تي آئوٽ، اڪشر پٽيل 5 وڪٽيون ورتيون

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽيسٽ جي پهرين اننگ ۾ ڀارت جي 345 رنسن جي موٽ ۾ 296 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق نيوزيلينڊ جي اوپنرن مان ٽام ليٿم 95، ول ينگ 89 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جڏهن تھ ڪپتان ڪين وليمسن وليمسن 18، جيميسن 23، روز ٽيلر 11، بنڊل ۽ راچن 13، 13رنسون ٺاهي سگهيا، ٻين بھ خاص ٻوٽو نھ ٻاريو. ڀارتي بالرن مان اڪشر پٽيل 5 وڪيٽون ورتيون، روي چنڊرن ايشون 3، اميش يادو ۽ رويندر جديجا هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي. هوڏانهن ڀارتي ٽيم ٻي اننگ ۾ شڀمن گل جي وڪيٽ وڃائي 14 رنسون ٺاهيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button