اسلام آبادپاڪستان

ن ليگ چاهي ٿي ته ڪنهن به طرح نواز شريف جون سزائون معاف ٿي وڃن: فواد چوڌري

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ن ليگ جو هڪ ئي مقصد آهي ته نواز شريف جون سزائون معاف ٿي وڃن. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته نواز شريف جون ٺاهيل ملڪيتون انٽرنيشنل اسڪيم ۾ سامهون آيون پر رسيدون گهرڻ تي لنوائي ٿو، جڏهن به نواز شريف ۽ مريم نواز خلاف ڪيس آخري مرحلن ۾ پهچن ٿا ته انهن کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. هن دعويٰ ڪئي ته راڻا شميم ن ليگ جو عهديدار هو، کيس گلگت بلتستان جو چيف جج لڳائي مرضي جا حلف ناما ورتا ويا، عدليا کي ان معاملي جو ڀرپور نوٽيس وٺڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته جعلي آڊيوز، ويڊيوز ٺاهڻ ن ليگ جو ڪم بڻجي ويو آهي، مريم نواز جيڪڏهن سمجهي ٿي ته آڊيوز سان ان جو ڪيس مضبوط ٿيندو ته عدالت هلي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button