پاڪستانپنجاب

ثاقب نثار جو هڪ هڪ لفظ حقيقت ۽ گذريل واقعن سان هڪجهڙائي رکي ٿو: مريم نواز

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کي حساب ۽ جواب ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو. ٽوئٽر تي هن هڪ وڊيو به شيئر ڪئي آهي. بيان ۾ مريم نواز لکيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جو هڪ هڪ لفظ، حقيقت ۽ گذريل ڪجهه سالن ۾ ٿيندڙ واقعن سان هڪ جهڙائي رکي ٿو ۽ اهي ئي واقعا اهي ثبوت آهن جن کان نه ثاقب نثار انڪار ڪري سگهي ٿو، نه لڪائي سگهي ٿو ۽ نه ئي وري دنيا جي ڪا عدالت ان کان انڪار ڪري سگهي ٿي. پنهنجي بيان جي آخر ۾ هن لکيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس کي حساب ۽ جواب ته ڏيڻو ئي پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button