اسلام آبادپاڪستان

شوڪت عزيز صديقي جو وڪيل طور لائسنس بحال ٿي ويو

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي سينيئر جج شوڪت عزيز صديقي جو وڪيل طور لائسنس بحال ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ انرولمينٽ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شوڪت عزيز صديقي جو وڪيل طور لائسنس بحال ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان بار ڪائونسل پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته شوڪت عزيز صديقي کي الزامن جي بنياد تي ڇو جو سپريم جڊيشل ڪائونسل برطرف ناهي ڪيو، تنهن ڪري ڪميٽي فوري طور سندس لائسنس بحال ڪري ٿي، جنهن کانپوءِ شوڪت عزيز سپريم ڪورٽ ۾ وڪيل طور پيش ٿي سگهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button