برطانيا جي طبي تاريخ جي مشهور سرجن ڊاڪٽر سائمن بريم هال جي ڊاڪٽري جو لائسنس معطل ڪيو ويو آهي، جنهن تي الزام آهن تھ هو مريضن جي جگر تي آٽوگراف لکي انهن تي صحيحون ڪندو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ڊاڪٽر سائمن بريم هال سال 2013ع ۾ خاص قسم جي آرگون بيم مشين ذريعي ٻن مريضن جي جگر تي آٽوگراف لکي صحيحون ڪيون هيون. جڏهن تھ جاچ دوران ڊاڪٽر سائمن پنهنجي ان ڏوهه جو اعتراف ڪري چڪو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ اهو واقعو برمنگهم ڪوئين الزبيٿ اسپتال ۾ ٿيو هو، جنهن دوران ڊاڪٽر مريضن جي جگر کي پنهنجي مشهوري خاطر برانڊ بڻائڻ چاهيو پئي.برطانيا جي ميڊيڪل پريڪٽيشنر ٽربيونل سروس سرجن جي ان عمل کي خودپسندي ۽ ڊاڪتري طور غفلت قرار ڏنو هو. جڏهن تھ هاڻ ان ڊاڪٽر جو لائسنس معطل ڪيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close