سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

سائنسدانن شمي نظام کان ڌار منفرد قسم جو چنڊ ڳولي ورتو

فلڪيات جي ماهر سائنسدانن ڌرتي جي شمسي نظام کان ڌار هڪ انتهائي وڏي ايراضي وارو منفرد ۽ حيرت ۾ وجهندڙ چنڊ دريافت ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق خلائي علم جي ماهرن جو چوڻ آهي تھ نئون دريافت ڪيل چنڊ ايراضي ۾ باقي سيارن کان تمام گهڻو وڏو آهي، جيڪو موجودا سياري مشتري جي سائيز جيترو آهي. هوڏانهن دريافت ڪيل چنڊ کي سائنسدانن “ڪيپلر 1708 بي جو نالو ڏنو آهي ۽ اهو زمين کان 5 هزار 500 نوري سال پري واقع آهي. نيچر ايسٽرانامي جرنل ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ دريافت ڪيل وڏو چنڊ ڌرتي کان 2.6 ڀيرا وڏو آهي، جنهن جيترو اسان جي نظام شمسي ۾ ڪوبھ چنڊ ناهي. جڏهن تھ اهو چنڊ زمين جي چنڊ کان 3.7 ڀيرا وڌيڪ وڏو قرار ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button