سنڌ

ڪوٽڙي ۾ ثقافت جو شاندار جشن،اٺ گاڏي ۽ ڍڳي گاڏي تي ريليون

ڪوٽڙي ۾ ثقافتي ڏينهن تي هزارين ماڻهو ثقافتي ويس پائي ريليون ڪڍي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جي مک تقربب وٽ پهتا، جتي شاندار منظر آيا، ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو ايٽ ڪوٽڙي جي صدر ڌڻي بخش باريجو پاران المدينه چوڪ تي لڳايل اسٽيج تي هزارين ماڻهو پهتا، جيڪي جهمريون هڻي رهيا هئا. ان سلسلي ۾ ڪوٽڙي جي المدينا چوڪ لڳل اسٽيج تي مختلف علائقن مان ملڪ هائوس کان حاڪم هنڱورو،ميونسپل ڪوٽڙي جي اڳوڻي چيئرمين ارباب نورمحمد شورو، ميونسپل ٻولهاڙي جي اڳوڻي چيئرمين مختيار جمالي، ڀٽو جمالي، حاجي گل محمد ملاح جي اڳواڻي ۾ ريلي پهتي، ان کان علاو ايس يو پي جي شبير ٻنگ، شمشاد ميڻو، فياض سومرو، جسقم جي ديدار شام، نعمان راهوجو، ايس ٽي پي جي امجد مستوئي، قومي عوامي تحريڪ جي ستار لوهر، ڄامشورو سجاڳ فورم جي چيئيرمين اقبال ڪوريجو،کوسا اتحاد جي غلام علي کوسو، ڳوٺ ڊٻو شورو مان مقصود شورو، پيارو شورو، پاورهائوس اسد آباد ڪالوني کان ممتاز لاشاري جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار ريليون ڪڍيون، جيڪي ڪوٽڙي جي المدينا چوڪ تي مک تقريب ۾شامل ٿي ويون، جنھن بعد ميوزيڪل شو منقعد ڪيو ويو، جنھن ۾ نالي واري راڳين سرمد اياز، سميرا علي، واجد صديقي, ماروي گروپ، ماسٽر غلام حسين مور، مزاحيا فنڪار قادر بخش مٺو ۽ ٻين فن جو مظاھرو ڪيو، جڏھن ته ريلين جي اچڻ جو سلسلو رات دير تائين جاري رھيو. ھوڏانھن نوجوانن پاران قومي گيتن تي رقص ڪري جھمريون پڻ ھنيون ويون. ڄامشورو سجاڳ فورم جي ريلي ۾ اٺ گاڏين، ڍڳي گاڏي،گهوڙن تي نوجوان پوڙھا پڪا پٽڪا پائي شريڪ ٿيا. ان کان علاو سنڌ جو خوبصورت نقشو ٺاهيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي ثقافت جا رنگ سمايل هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button