پاڪستانپنجاب

لاهور جي ننڍي چونڊ تي ن ليگ ڪامياب، پ پ جي ووٽن ۾ به رڪارڊ اضافو

لاهور: لاهور ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 133 جي ننڍي چونڊ ۾ غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن مطابق ن ليگ جي اميدوار شائستا پرويز ملڪ کٽي ورتي آهي. اين اي 133 ۾ صبح 8 وڳي شروع ٿيندڙ پولنگ شام 5 وڳي تائين بنا وقفي جاري رهي، جنهن کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل شروع ٿيو. ووٽن جي ڳڻپ کانپوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هيل تائين جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب ن ليگ اميدوار شائستا پرويز ملڪ چونڊ کٽي ورتي اهي. 254 مان 252 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب ن ليگ جي شائستا پرويز 46497 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته پ پ جو اسلم گِل 32020 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو، گذريل چونڊين ۾ ساڳئي تڪ تان پيپلزپارٽي رڳو ساڍا 5 هزار ووٽ حاصل ڪيا هئا

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button