عالمي

ڀارتي رياست ناگالينڊ ۾ فورسز جي فائرنگ، 13 پورهيت مارجي ويا

نئين دهلي: ڀارتي رياست ناگالينڊ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ 13 مزدور مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ڀارتي ميڊيا موجب سيڪيورٽي فورسز ناگالينڊ رياست ۾ هڪ آپريشن دوران ٽرڪ تي فائرنگ ڪئي، ٽرڪ ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ مزدور موجود هئا، ٽرڪ تي فائرنگ خلاف احتجاج ڪندڙ ماڻهن تي به سيڪيورٽي فورسز فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 13 مزدور مارجي ويا. رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته شهرين جي مارجڻ کانپوءِ مڇريل ماڻهن سيڪيورٽي فورسز جي گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي، جڏهن ته هجوم ۽ سيڪيورٽي فورسز ۾ جهڙپن ۾ هڪ اهلڪار به مارجي ويو. پوليس موجب مارجي ويلن ۾ هڪ غير مقامي مزدور به شامل آهي. هوڏانهن ڀارتي فوج جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ شدت پسندن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جڏهن ته آپريشن ۾ شهرين جي مارجڻ جي جاچ ڪئي پئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button