پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ ايس ايس او،شهرين ۽ صحافين جون شاندار ثقافتي ريليون

ميهڙ:سنڌ ايڪسپريس جي سڏ تي سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن پاران مرڪزي اڳواڻ بصير ڳورڙ، ساگر حسن ڳورڙ، طاهر ڳورڙ، انيد ڳورڙ، بلاول ڳورڙ، طلحا هالو، الطاف خاصخيلي، سمير مدثر، مزمل، مجيب کوسو، جنيد پنهور، شاويز مهيسر ۽ ياسر مهيسر جي اڳواڻي ۾ اجرڪ ۽ ٽوپيون پاتل سوين نوجوانن شھيد شايان ڳورڙ جي ياد ۾ موٽرسائيڪل ريلي ڪڍي ۽ شھر جو گشت ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن انور ڪانڌڙو، منظور مهيسر، عبدالرحمن قمبراڻي، علي شير ڳورڙ، رياض چانڊيو، اڪبر ڪانڌڙو ۽ ٻين پاران گلن جي ورکا ڪري آجيان ڪئي وئي ۽ پڻ دهلن ۽ شرناين سان سندن مانائتو استقبال ڪيو ويو. بعد ۾ ايس ايس او جي نوجوانن قومي ۽ انقلابي گيتن ۽ نعرن تي رقص ڪيو. ٻئي طرف تعلقي ميھڙ جي رپورٽر عبدالرحمن قمبراڻي، منظور مھيسر، آزاد انور ڪانڌڙو، اڪبر ڪانڌڙو، محمد علي شيخ، رياض چانڊيو، مير صابر ڪولاچي، عبدالغني ميراڻي، سجاد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻيٽو چوڪ دعا جي ھٿن کان ريلي ڪڍي وئي. جڏهن ته گھنٽاگھر چوڪ وٽ اسٽيج کي پينافليڪس لڳائي سينگاريو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي هنن چيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، سنڌ جي پکين سميت سنڌ جي حقن لا اسان جي جدوجھد جاري رھندي. اسين سرداري نظام جو خاتمو چاھيون ٿا.اسٽيج تي ٽيبلا پڻ پيش ڪيا ويا.ريلي ۾ پير آف ميھڙ سيد محمد شاهه ايڊووڪيٽ سعيد پنهور، قاضي عزيزالله مھيسر، سچو جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر الاھي بخش چانڊيو، استاد اختر حسين سھول، احمد خان چانڊيو، ماجد علي پنھور، محمد امين ڀٽو ۽ شھرين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button