پاڪستانسنڌ

جوهي ثقافتي رنگن سان جرڪي پيو،نوجوانن ۽ ٻارڙن جو رقص

جوهي :جوھي ۾ به مختلف سياسي، سماجي، ادبي، سول سوسائٽي ۽ شھرين پاران سنڌي ثقافت ڏھاڙي تي ريليون ڪڍيون ويون. سنڌي گيتن تي نوجوانن ۽ ٻارڙن پاران رقص ڪري سردار ۽ جاگيرداري نظام نامنظور جا نعرا هنيا. شھر جي اريگيشن گرائونڊ مان پ پ تعلقي جوهي جي صدر عبدالمجيد جمالي، قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ قربان کوکر، پي ٽي آئي جي امين وگھيو، مجاھد گاڏھي، منصور گاڏھي، حاڪم لغاري، عالم ٿھيم، رشيد لغاري، جان محمد گاڏھي، قلندر بخش رودناڻي، دستگير رند، خادم جسڪاڻي سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ ثقافتي ريلي ڪڍي وئي. پريس ڪلب اڳيان سنڌي قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو. ان موقعي تي جيئي سنڌ جيئي سنڌ ٽوپي اجرڪ وارا جيئن تي رقص ڪيو ۽ جھمريون ھنيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button