پاڪستانسنڌ

فريدآباد ۾ جاگيرداري ۽ سرداري نظام نامنظور جي سري هيٺ ريلي

فريدآباد : فريدآباد ۾ سنڌ ايڪسپريس جي سڏ تي “سنڌ ۾ جاگيرداري ۽ سرداري نظام نامنظور، پکين کي تحفظ ڏيو ” جي عنوان ھيٺ ثقافت جو ڏينهن ملھايو ويو ۽ نيشنل پريس ڪلب کان شاندار ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ سياسي سماجي علمي ادبي اڳواڻ، شھرين ۽ ٻارڙن ٽوپيون اجرڪ پائي سنڌ سان محبت جو ثبوت ڏنو. ريلي ۾ نيشنل پريس ڪلب جي صدر احمد علي چانڊيو، ايڊوڪيٽ معشوق چانڊيو، منٺار خاصخيلي، علي حسن چانڊيو، نادر چانڊيو، خادم ڏيرو، اقرار چانڊيو، علي عباس چنا، جڙيل چانڊيو، ايس يو پي اڳواڻ حاجي خان مارفاڻي، خاصخيلي اتحاد جي ضمير حسين خاصخيلي، پ پ اڳواڻ بابر چانڊيو، سماج سڌارڪ محمد علي خاصخيلي، دڪاندار ايسوسئيشن جي صدر شفيق احمد چنا، سھيل ٻگھيو، ايس ٽي پي اڳواڻ فدا حسين چنا، عبدالفتاح گائينچو، صحافي پير محمد ڏيرو، سڪندر بروھي، شبير احمد ڪرٽيو، محرم رند، صابر حسين چنا شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button