پ پ سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو آهي ته آ ايم ايف جي شرطن تي عمل کانپو حڪومت جو اسٽيٽ بئنڪ تي اثر نه رهندو، هنن کي ايترو قرض وٺڻ تي ٻڏي مرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه لطيف آباد ۾ منعقد ثقافتي پروگرام دوران خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ اهڙي بدنصيب حڪومت آئي آهي، جنهن جا نمائندا سنڌ ۾ اچي سنڌ کي گاريون ڏين ٿا، هڪ وفاقي وزير ڪالهه ڪراچي ۾ اچي گاريون ڏنيون، جنهن لا راڻا ثناالله سٺي ڳالهه ڪئي آهي، پر آئون ان وزير بابت نٿو ڳالهائڻ چاهيان. هن چيو ته هنن جي بدنصيب حڪومت جي مقدر ۾ تعريفون ناهن لکيل. هن سيالڪوٽ واقعي تي ڳالهائيندي چيو ته هي واقعو قابل مذمت آهي، سيالڪوٽ واقعي سان اسلام لا سٺو پيغام نه ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close