پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ سنڌ جي ثقافت جو جشن،ڀرپور ڀيٽا پيش

ميرپورخاص: قومي ثقافتي عيد جي ڏينھن سڄي سنڌ جيان ميرپورخاص ۾ ڌرتي ڌڻين پاران ٽوپيون، پٽڪا ۽ اجرڪون پائي ريلين جي صورت پريس ڪلب تي قائم مرڪزي ڪئمپ تي پھتا. پ پ ايم پي اي ھري رام ڪشوري لال، پ پ ڊويزنل اطلاعات سيڪريٽري خيرالنسا مغل، رشيد پنھور، سلام ميمڻ ۽ ھيرالا ميگھواڙ پڻ ڪئمپ تي پھتا، مرڪزي ڪئمپ تي سنڌ جي مشھور فنڪارن سونھن لغاري، امانت علي، مجيد بلوچ ۽ جيرام داس قومي ۽ ثقافتي گيت پيش ڪري ماڻھن کي جھومائي ڇڏيو. نوجوانن اجرڪون ھوا ۾ لھرائي قومي گيتن تي رقص ڪري ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي. صوبائي وزير ھري رام ڪشوري لال چيو تھ سنڌ جيڪا صوفين ۽ ولين جي ڌرتي آھي، جتي اسان سڀ بنا ڪنھن فرق جي صدين کان گڏ رھون پيا، ھي ڏينھن قومي عيد جو ڏينھن آھي، قومي عيد تي عهد ڪيو وڃي ته اسان پنهنجي ٻارن کي بهتر تعليم ڏيارينداسين. هوڏانهن ڳوٺ جمال پنھور مان عاشق علي پنھور، وقار پنھور، جمن علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ڳوٺ حاجي عبداللھ پنھور مان عرفان پنھور، وسيم پنھور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي پھتي. جسقم پاران فقير يوسف مڱريو جي اڳواڻي ۾ ريلي پھتي. اهڙي طرح ايس يو پي پاران منظور ميمڻ ، لالا اظھر ۽ عبيد بنگلاڻي، ايس ٽي پي پاران ڪريم ڪيريو، گلزار مگسي، نور محمد مھر، نوجوان سماجي فورم پاران نظام الدين ناريجو، عبدالستار شر، پرويز ناريجو، راڻو ڀيل ڪالوني مان ڪانجي ڀيل، جھلوري مان عبدالحميد مھر، ڪاٺڙي مان عمر جروار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button