پاڪستانسنڌ

مٺي شهر ثقافتي رنگن جو گلدستو بڻجي ويو، شاندار جشن

مٺي: مٺي ۾ ثقافتي عيد جو ڏهاڙو وڏي قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائي تلوارن، ڏانڊين، اٺن جي ڊوڙ ۽ ثقافتي گيتن تي رقص ڪيو ويو. مٺي شھر جون سموريون گهٽيون ۽ چوڪ ثقافت جي انڊلٺي رنگن جو گلدستو بڻجي ويا، شھر جون بازارون عوام جي اٿلي پيل سمنڊ جي روپ ۾ ڪنهن ڪنوار جي سينگار جهڙن منظرن جي عڪاسي ڪرڻ لڳيون، مختلف اسڪولن مان شاگردن سميت راجپوت ۽ ڀيل برادرين پاران ڌار ڌار ثقافتي ريليون ڪڍي شھر جو گشت ڪيو ويو، راجپوتن جي نڪتل انوکي ريلي ۾ نه رڳو ڦينٽا (پٽڪا) پائي راجپوتن شرڪت ڪئي، پر تلوارن ۽ ڏانڊين تي تاريخي رقص ڪري ثقافت جي رنگن کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ڇڏيو. ساڳي طرح ڀيل انٽليڪچوئل فورم جي ضلعي صدر گومون ڀيل جي اڳواڻي ۾ سوين نوجوانن صادق فقير ڪاليج کان ڪشمير چوڪ تائين ريلي ڪڍي، ريلي ۾ شريڪ نوجوانن ۽ شاگردن قومي ۽ ثقافتي گيتن تي رقص ڪرڻ سان گڏ مختلف ڊراما ۽ خاڪا توڙي ٽيبلوز پيش ڪيا. ٻئي طرف مختلف ريلين ۾ امن جا ڪبوتر اڏائڻ سان گڏ اٺن جي ڊوڙ ۽ رقص جا مقابلا پڻ ڪيا ويا. شاگردن وچ ۾ ٽيبلوز تي رقص سميت قومي گيتن ۽ تقريرن جا پڻ مقابلا ٿيا. ٿر فائونڊيشن جي محسن ٻٻر، بي آ ايف جي گومون ڀيل ۽ ٻين سجايل پروگرام ۾ پهچي عوامي پريس ڪلب جي صحافين کي ڪامياب ثقافتي ڏينهن ملهائڻ تي جس ڏيڻ سان گڏ ٽوپين ۽ اجرڪن جا تحفا ڏنا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button