پاڪستانسنڌ

سانگهڙ ۾ سنڌي ثقافت جي هٻڪار،ڌرتي سان بيمثال محبت جو اظهار

سانگهڙ: سانگھڙ شھر سميت سمورو ضلعو سانگهڙ ثقافتي عيد جي رنگن ۾ رنگجي ويو. “سنڌ ايڪسپريس” جي سڏ تي ثقافتي ڏهاڙي جي مک ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ھزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. پريس ڪلب کان نڪتل ريلي شهر جي مختلف علائقن جو گشت ڪندي بچو بادشاهه چوڪ وٽ پھتي، جتي ايس ٽي پي اڳواڻ جبار جوڻيجو، پاڪستان ھندو ڪائونسل جي راجيش ڪمار ھرداساڻي، داريحان بگٽي، ڄام غلام قادر انڙ، غفار نظاماڻي، شير محمد نظاماڻي، رحمت الله ڀاڻوجو، انجم آفتاب نظاماڻي، عامر راجپوت، سليم نظاماڻي، الياس انجم، غلام رسول بھڻ، محمد حسن لانڊر، امير بخش بڙدي، مبين درس، صغير احمد راجپوت ۽ ٻين چيو ته اسان جي قومي عيد جو ڏينهن آهي، سمورا سنڌي ماڻهو اڄ پنهنجي ثقافتي عيد ملهائي رھيا آھن. هوڏانهن سنڌ ترقي پسند پارٽي اڳواڻ جبار جوڻيجو ڏاند گاڏي تي چڙهي وڏي ريلي سان مک تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ناليواري فنڪار مولابخش ملاح قومي گيت ڳائي تقريب کي جھومائي ڇڏيو. پريس ڪلب آڏو سانگهڙ مختلف شهرن ڪنڊياري، لٽڪو موري، نئون آباد، گڙنگ بنگلو ۽ ٻين علائقن مان ريليون شريڪ ٿيون. پاڪستان ھندو ڪائونسل جي اڳواڻ راجيش ڪمار ھرداساڻي ڪيڪ ڪاٽيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button