پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ۾ ثقافتي ڏهاڙو ڊاڪٽر نبي بخش لغاري جي نالي منسوب ڪري ملهايو ويو

مسڻ وڏي: مسڻ وڏي ۾ ثقافتي ڏهاڙي کي تازو فوت ٿي ويل ڊاڪٽر نبي بخش لغاري جي نالي سان منسوب ڪري ملهايو ويو. نوجوان اتحاد پاران موٽرسائيڪلن ۽ ڪارن جي ريلي ڪڍي وئي. ريلي لکا ڏنو جت، محسن ڏگو، شاديون ولھار، مٺو جروار، بيگن ۽ مسڻ ننڍي کان ٿي مسڻ وڏي جي شھيد ڀٽو چوڪ پھتي، جتي مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش لغاري کي ڀيٽا پيش ڪندي پنج منٽ خاموشي اختيار ڪئي وئي, جنهن بعد ريلي ۾ شريڪ اجرڪ ٽوپي ۽ پٽڪي وارن نوجوانن سنڌي گيتن تي رقص ڪيو، جنهن بعد ريلي نوجوان اتحاد جي اڳواڻن راول جروار، سميع الله جروار، مرتضى لغاري، ذوالفقار لغاري، ساگر ملاح، علي اصغر ملاح، اندر ڪمار سوٽهڙ، علي مراد سميجو، وحيد جروار، ڪلاش ڪمار سوٽهڙ، الطاف جروار، مهيش ڪمار سوٽهڙ، وقار جروار ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button