سنڌ

ٺٽي ۾ ثقافتي عيد جو زبردست جشن،ريليون ۽ ميڙاڪا

ٺٽو ۾ ثقافتي عيد جا رنگ پکڙجي ويا. شهر ۾ ننڍا، وڏا، ٻار، ٻڍا، سنڌي لباس، اجرڪ، ٽوپيون، پٽڪا پائي ريليون ڪڍي قومي گيتن تي رقص ڪندي نڪري پنهنجي وطن سان محبت جو اظهار ڪيو. صوفي سنگت ٺٽو جي اڳواڻن رضوان سرڪي، صمد سومرو، شھزاد سرڪي، سونو ڪمار ۽ ٻين مال پڙي کان پريس ڪلب ٺٽو تائين ريلي ڪڍي. ٺٽو يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران فهد ڪرناڻي، ٺٽو شهري اتحاد جي صدر جاويد غني ميمڻ، شوڪت قريشي، معراج ميمڻ، عرفان ماڻڪاڻي، ڳوٺ صفر جوکيو جي رهواسين، جسقم بشير قريشي پاران محمد علي شيخ، طاهر خشڪ، جيئي سنڌ تحريڪ جي راول ڪرناڻي، صوفي سنگت ٺٽو، سنڌي ادبي سنگت ٺٽو پڻ ڌار ڌار ريليون ڪڍيون، ريلين جو مرڪز پريس ڪلب ٺٽو رھيو، جتي سڄو ڏينھن ماڻھن جا ھجوم رهيا ۽ قومي گيتن تي رقص جاري ھو. جڏھن ته پريس ڪلب ٺٽو کي سنڌ جي ثقافتي رنگن سان سينگاريو ويو ھو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button