پاڪستانسنڌ

سنڌ جي ثقافت ۽ تھذيب دنيا جي عظيم تھذيبن جي سرواڻ آھي:شاهه محمود قريشي

عمرڪوٽ: سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، وفاقي وزير مراد سعيد ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ايم اين اي لال مالهي جي دعوت تي عمرڪوٽ پھچي سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي ۽ تحريڪ انصاف جي ورڪرس اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پريس ڪلب اڳيان ريلي جي پڄاڻي تي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته سنڌ جي ثقافت عظيم ۽ قديم ثقافت آهي، عمرڪوٽ ۾ ثقافتي پروگرام ۾ اچي دلي خوشي ٿي آهي، پ پ جي حڪومت 13 سالن ۾ سنڌ ۾ ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرائي سگهي، سنڌ جي بجيٽ حصن پتين ۾ ورهائجي ويندي آهي، هتي ووٽ به بندوق جي زور تي ورتا ويندا آهن، سنڌ ۾ نه صحت جون سهولتون آهن، نه وري تعليم آهي، وڏيرا شاهي سبب سنڌ جا ماڻهو دربدر آهن، اسڪولن ۾ گڏھه ٻڌل آهن، ان جي ذميوار پيپلز پارٽي آهي. ھن چيو ته وفاق جي سهڪار سان عمرڪوٽ ضلعي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا. ثقافتي ميڙاڪي کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي وفاقي وزير مخدوم شاهھ محمود قريشي چيو ته سنڌ جي ثقافت ۽ تھذيب دنيا جي عظيم تھذيبن جي سرواڻ آھي، سنڌ صوفين ۽ درويشن جي سرزمين آهي، هتي جا ماڻهو محبتون ورهائيندا آهن. ميڙاڪي کي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ، لال مالهي، ارباب ابراهيم، دوست محمد ميمڻ، علي نواز شاھاڻي، ارباب سميجو، مهرالنساءَ بلوچ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ٻئي پاسي مقامي شادي هال ۾ ورڪر ڪنوينشن کي خطاب توڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر عمران اسماعيل چيو ته ھتان زرداري ليگ جو مستقبل ڀڄندي ڏسان پيو، حليم عادل کي بجيٽ تقرير ڪرڻ نٿي ڏني وڃي، احتساب ڪميٽي ۾ شرجيل ۽ فريال ويٺا آھن، عمران خان خيبرپختونخواه ۾ انصاف ڪارڊ شروع ڪيو، پر سنڌ حڪومت انڪار ڪري ڇڏيو آھي، رپورٽ اچي ٿي ته سنڌ پوليس ۾ ڪرمنل ڀرتي ٿيا آھن، زرداري جو فرنٽ مين مراد علي شاھه آھي. ورڪر ڪنويشن ۾ پ ٽ آ ڪارڪنن ۽ ضلعي عهديدارن پنهنجي ئي حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي وفاقي وزير ۽ گورنر سنڌ اڳيان شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. ٻئي پاسي پريس ڪلب اڳيان وفاقي وزير جي آمد دوران معذورن کي تحريڪ انصاف جي مقامي اڳواڻ ڌمڪيون ۽ دڙڪا ڏئي ڀڄائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button