پاڪستانسنڌ

ڇور ۽ نيو ڇور ۾ قومي ڪاڄ جو جشن، سياسي سماجي اڳواڻن جون ريليون

ڇور: ڇور ۽ نيوڇور ۾ “سنڌ ايڪسپريس” جي سڏ تي قومي عيد ملهائي وئي. مختلف ھنڌن کان ريليون ڪڍي نوجوانن قومي گيتن تي رقص ۽ جھمريون ھڻي سنڌ ما کي ڀيٽا پيش ڪئٔي ۽ سنڌ سان محبت جو اظھار ڪيو. پرٿوي سوڍو، نريندر سنگھه سوڍو، نور سنڌي، ڪامريڊ ديشي، رميش ڪمار، ڪيلاش، ڪامريڊ ڏيون بجير، وفا درجن چوھاڻ، جھامن داس، گرداري لعل، ڪامريڊ آسن ۽ ٻين ثقافتي ريليون ڪڍي ثقافتي ويس وڳا پائي پريس ڪلب پھتا. جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو ماٿري جي ھزارين سال قديم ثقافت جا سمورا رنگ نروار ڪرڻ لا ڏھاڙو قومي ڪاڄ طور ملھائي رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button