حيدرآباد ۾ عدالتي حڪمن کانپو حددخلين خلاف آپريشن شروع ٿي ويو. حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي اينٽي انڪروچمينٽ عملي حيدرآباد سٽي ۽ لطيف آباد ۾ ڪارروايون ڪري 50 کان وڌيڪ دڪانن اڳيان قائم حددخليون ڊاهي ڇڏيون. 9 دڪاندارن خلاف ايف آ آر داخل، وڌيڪ 20 ايف آ آر اڄ داخل ٿينديون. خبر موجب حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي اينٽي انڪروچمينٽ عملي عدالتي حڪمن کانپو حددخلين خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪالهه اينٽي انڪروچيمنٽ فورس ۽ پوليس اٽالن سميت کوکر پاڙي، گول بلڊنگ، حيدرچوڪ ۽ ريشم گلي کان علاوه لطيف آباد جي ڪجهه علائقن ۾ آپريشن ڪندي 50 کان وڌيڪ دڪانن جا دڪا، ڇپرا ۽ ٻيون اڏاوتون ڳري مشينري ذريعي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، ان دوران مزاحمت ۽ حددخليون نه هٽائڻ تي اينٽي انڪروچمينٽ 9 دڪاندارن خلاف ايف آ آر داخل ڪرائي ڇڏيون، جنهن ۾ سٽي ٿاڻي تي 3، لطيف آباد بي سيڪشن تي 3 ۽ اي سيڪشن تي 3 ايف آ آرز ٿيون آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close