سنڌ

ٽنڊو ڄام ڀرسان ڦر مزاحمت تي نوجوان قتل،هڪ ڄڻو مرڻينگ

ٽنڊوڄام ڀرسان راهوڪي ٿاڻي جي حد ۾ چوپائي مال جي ڦر مزاحمت تي هٿياربند نوجوان چوڪيدار کي قتل ۽ ٻي کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. خبر موجب راهوڪي ٿاڻي جي حد ۾ هوسڙي شاخ وٽ چار ڦورو اڪرم قريشي جي واڙي مان چوپائي مال جي ڦر ڪري 3 گابا ڪاهي فرار ٿي ويا، ان دوران مزاحمت تي ڦورن نوجوان چوڪيدار 28 سالن جي نظير کوسو کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندس ڀا مجاهد کوسو زخمي ڪري ڇڏيو. اطلاع تي راهوڪي پوليس چوڪيدار جو لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال حيدرآباد کڻائي وئي، جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد لاش گهر نيو ويو ته ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن ٻي طرف راهوڪي پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي گرفتاري ٿي سگهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button