سنڌ

عرفان مهر جي قتل ۾ سالو،سنڍو ۽ زال ملوث هجڻ جو انڪشاف/هٿيار ۽ موٽرسائيڪل هٿ

ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ 11 ڏينهن اڳ ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن هٿان قتل ٿيل سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري ڳڙهي ياسين واسي عرفان مهر جي قتل ۾ جاچ دوران گذريل ڏينهن ڪراچي سي ٽي ڊي پوليس ڳڙهي ياسين جي محلا ڀائي جي کڏ تي چڙهائي ڪري شهيد عرفان مهر جي سالي اڪبر مهر ۽ شڪارپور مان سنڍو رحيم بخش مهر ۽ ڳڙهي ياسين ڀرسان ڳوٺ سالار جکرو مان ٽيڪسي ڊرائيور واجد جکرو کي گرفتار ڪري کنڀي کڻي وئي، پوليس ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته سي ٽي ڊي پوليس آڏو شهيد عرفان مهر جي سالي اڪبر مھر ۽ سنڍو عرفان مھر قتل جو اعتراف ڪيو آهي. پوليس قتل جي واردات ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار، موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان ڳڙهي ياسين، لاڙڪاڻو ۽ ڪراچي جي لسٻيلا وارن علائقن ۾ ڇاپا هڻي هٿ ڪيو ويو آھي. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته شهيد عرفان مهر جي قتل ۾ مک جوابدار سندس زال ٻڌائي وڃي ٿي، جيڪا ڀا اڪبر مهر جي گرفتار ٿيڻ شرط ئي گهر خالي ڪري فرار ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button