سنڌ

ڪنڌڪوٽ ڪچي ۾آپريشن،3 مبينا ڌاڙيل مارجي ويا

ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ پوليس 3 بدنام ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايس ايس پي چيو آهي ته ضلعي مان ڌاڙيلن کي ختم ڪيو ويندو. خبر موجب ڪنڌڪوٽ جي ڪچي دراني مھر ٿاڻي جي حد ۾ ايس ايس پي امجدشيخ جي ھدايت تي سبزوئي- جاگيراڻي گينگز جي خلاف آپريشن ڪيو ويو، پوليس انعام رکي ڏوھاري ٽڪر سبزوئي، سندس ساٿي صابو سبزوئي، راجو سبزوئي کي ماري ڇڏيو. ان حوالي سان ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪچي جي سبزوئي، جاگيراڻي گينگز جي خلاف مسلسل آپريشن جو عمل جاري آهي، آپريشن دوران پوليس جي مقابلي ۾ سبزوئي گينگ جي سربراهه 10 لک رپيا انعام رکيل ڌاڙيل ٽڪر سبزوئي ۽ سندن ساٿي صابو سبزوئي ۽ راجو سبزوئي مارجي ويا آهن، پوليس سندن لاش تحويل ۾ ورتا آهن. جوابدار ڪجهھ عرصو اڳ چاچڙ برادري جي 13 ڄڻن کي قتل ڪرڻ ۽ پوليس اھلڪارن کي شھيد ڪرڻ جي ڪيسن ۾ به گھربل ھئا. هوڏانهن مبينا ڏوهاري مارجڻ جي خوشي ۾ ڪچي ۾ چاچڙ برادري جي ماڻهن هوائي فائرنگ پڻ ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button