ڏيپلو: ڏيپلو ۾ 6 ھفتا گذرڻ باوجود رهواسين کي پاڻي نه مليو، جنهن خلاف شھري اتحاد، جي يو آ ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن پريس ڪلب کان بدين بس اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي. شھري اتحاد جي اڳوڻ عمران باغي، شعيب لنگھو، عوامي تحريڪ جي فاروق اعظم، وڪيل قيمت را، جي يو آ جي مولوي عباس ڪلر ۽ ٻين ڳالھائٔيندي چيو ته پبلڪ ھيلٿ عملدارن جي نااھلي جي ڪري 6 ھفتا گذرڻ باوجود پيئٔڻ جي مٺي پاڻي جي سپلا نه ٿي آهي، اڳ مھيني ۾ ھڪ ڀيرو مٺو پاڻي ڏنو ويندو هو، پبلڪ ھيلٿ عملدارن جي نااھلي سبب ڏيپلو ۾ نه پاڻي آهي، نه گندو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ٿو، نه ڪچن ملازمن کي پگھارون ٿيون ملن، پاڻي جي سپلا دوران موٽرون خراب هجڻ جو جواز ڄاڻايو ويندو آهي، پبلڪ ھيلٿ عملدار ھر مھيني ملندڙ ڪروڙن جي بجيٽ ھڙپ ڪري وڃن ٿا، ڏيپلو جي آفيس ۾ ڪو آفيسر نٿو ويھي. هنن چتا ڏنو ته هفتي ۾ مسئلو حل نه ٿيو ته مٺي ۾ پبلڪ ھيلٿ ۽ ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيا ويندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close