پاڪستانسنڌ

نئون دمبالو ۾ گهر تي هٿياربندن جي هلان، عورتون يرغمال، مظاهرو

نئون دمبالو: نئون دمبالو ويجهو ڳوٺ ٺاروڪوٽ ۾ پلاٽ جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار تان هٿياربندن عطا محمد ڀرڳڙي جي گهر تي هٿياربند ٿي هلان ڪري گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي ڇڏيو، هٿياربندن گھر آڏو ڏنل پال ۽ ٻڌل مينھون کولي ڇڏيو، عورتن جي رڙين تي ڳوٺاڻن پھچي ھٿياربندن کي گھرن مان سوگهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر وڏيرو ساٿين سميت فرار ٿي ويو. ڳوٺاڻن عطا محمد ڀرڳڙي، عرفان ڀرڳڙي، معشوق علي ڀرڳڙي ۽ 30 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسان سان ظلم آھي، اڳوڻي چيئرمين ساٿين سان گڏجي ھٿيارن جي زور تي گھرن ۾ گھڙي عورتن ۽ ٻارن کي يرغمال بڻايو، سندس ساٿي عبدالله ڀرڳڙي، ماستر غلام حسين، پوڙھو خان ڀرڳڙي ۽ ٻين هٿياربندن سان گڏ اڳوڻي يوسي چيئرمين عمر ڀرڳڙي گهرن ۾ گهڙي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي يرغمال بڻائي تشدد ڪيو، ڳوٺ جو نقشو موجود آھي، جنهن ۾ 23 ايڪڙ سرڪاري پڊ آھي، جتان اسان کي اڳوڻو يوسي چيئرمين لڏائڻ چاهي ٿو، ڳوٺ جي ڪجھه ٻني تي اڳوڻي چيئرمين عمر ڀرڳڙي قبضو ڪري آبادي پوکرائي ڇڏي آھي. ھنن سپريم ڪورٽ، ڊي آ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته اڳوڻي يوسي چيئرمين خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button