اسلام آبادپاڪستان

گريڊ 8 کان 17 تائين جي برطرف ملازمن جي مشروط بحالي جي تجويز

اسلام آباد :وفاقي حڪومت گريڊ 8 کان 17 تائين جي ملازمن جي مشروط بحالي جي تجويز ڏيندي تجويزون سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون، جنهن تي عدالت عظميٰ اڄ اهم فيصلو ٻڌائيندي. ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ برطرف ملازمن جي بحالي بابت ڪيس جي شنوائي ٿي ۽ اٽارني جنرل حڪومت طرفان ملازمن جي بحالي جون تجويزون سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايون. اٽارني جنرل عدالت عظميٰ کي آگاهه ڪيو ته وزيراعظم سان مشاورت ڪري تجويزون عدالت کي ڏئي رهيو آهيان. سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل حڪومتي تجويزن ۾ چيو ويو آهي ته گريڊ هڪ کان 7 تائين جي ملازمن کي بحال ڪيو ويندو. جڏهن ته گريڊ 8 کان 17 تائين ملازمن جي ٽن مهينن ۾ ٽيسٽ ورتي ويندي. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ٽيسٽ پاس ڪندڙن کي مستقل ڪيو ويندو. ان سان گڏوگڏ پارليامينٽ کي اختيار آهي ته فيصلي کي غير اثرائتو ڪري سگهي ٿي. حڪومت جي تجويز هئي ته ملازمن جي ماضي جي سروس ايڊهاڪ تصور ٿيندي، رٽائرڊ يا لاڏاڻو ڪري ويندڙ ملازمن جا معاملا ماضي جو حصو تصور ٿيندا. ملازمت دوران لاڏاڻو ڪري ويندڙ ملازمن جا وارث پينشن جا حقدار نه هوندا. عدالت عظميٰ ۾ پيش ڪيل حڪومتي تجويزن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪي ملازم بحالي تي پينشن وٺي رهيا هئا، انهن کي وڌيڪ پينشن نه ملندي. جڏهن ته ملازمن کي جيڪا رقم ڏني وئي، اها ريڪور نه ڪئي ويندي. شنوائي دوران جسٽس سجاد علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته حڪومت جي تجويزن تي غور ڪنداسين، ڏٺو ويندو ته تجويزن سان عدالتي فيصلو متاثر ته نه ٿيندو. بئنچ ۾ شامل جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته تجويزن تي غور ڪري پنهنجي راءِ ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button