جاتي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين لينڊا واهه چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي مڇي مارڪيٽ چوڪ تي مظهارو ڪيو ويو. ان موقعي تي سيد وفا شاهه، عادل لغاري، نورمحمد ٿهيمور، ذوالفقار ترڪ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته وڏي عرصي کان جاتي بدامني جي باهه ۾ سڙي رھيو آھي، ڪا رات خالي ناھي جو روڊن تان ڦر ۽ چورين جو وارداتون نه ٿيون ھجن. عوام بدامني جي باهه سبب راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آھي. شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ مشيات جو وڪرو ڪيو پيو وڃي، جاتي پوليس جي سرپرستي ۾ منشيات نشي آور گھٽڪي ۽ سماجي براين جي اڏن جو غيرقانوني ڪاروبار سرعام ھلي رھيو ۽ ھفتي ۾ روڊن تا ڦريل درجنين گاڏين مان ھڪ به واپس نه ٿي سگھي آھي. آ جي، ڊي آ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او جاتي ۽ راشي عملي کي ھٽائي ايماندار ايس ايڇ او مقرر ڪري منشيات ۽ بدامني جو خاتمو آندو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close