سائنس ۽ ٽيڪنالاجيعالمي

پارڪر خلائي جهاز سج جي ماحول مان گذري تاريخ جوڙي ڇڏي

لنڊن:ناسا جي پارڪر نالي خلائي جهاز سج جي ماحول ۾ گذري تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي. بي بي سي جي رپورٽ موجب آمريڪي خلائي اداري ناسا ان کي تاريخي موقعو قرار ڏنو آهي. پارڪر سولر پروب سج جي آسپاس موجود ماحول ۾ ڪجهه دير لا غوطو هنيو. ان ماحول يا خطي کي ڪورونا چيو وڃي ٿو. خلائي جهاز ائين اپريل ۾ ڪيو هو، پر ڊيٽا جي تجزيي سان هاڻي وڃي تصديق ٿي آهي. ان جهاز کي انتهائي گهڻي گرمي ۽ الٽرا وائلٽ شعاعن کي منهن ڏيڻو پيو، ان مان سائنسدانن کي نئين ڄاڻ ملي آهي ته اسان جو سج ڪيئن ڪم ڪري ٿو. تحقيقدان نڪولا فوڪس جو چوڻ آهي ته جيئن چنڊ تي بيهڻ سان اها خبر پئي ته اهو ڪيئن وجود ۾ آيو، ايئن ئي سج کي ڇهڻ انسان يت لا وڏو قدم ۽ اهم موقعو آهي، ان سان ويجهن ستارن يا نظام شمسي جي اثرن بابت ڄاڻ ملندي. هن جهاز کي لانچ ڪرڻ جو مقصد سج جي ويجهو ويجهو وڃي گذرڻ هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button