سنڌ

عاقل ٿاڻي جو ايس ايڇ او نشي ۾ ڌت ٿي گهرن ۾ گهڙي آيو:راجا مهر جا وارث

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ وڏا مهر ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل راجا عرف راجو مهر جي وارثن غلام شبير مهر، غلام مرتضيٰ، سئوٽ عمران علي مهر، پپن مهر ۽ ٻين ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ٻه ڏينهن اڳ سول ڪپڙن ۾ عاقل ٿاڻي جي ايس ايڇ او طالب حسين جوڻيجو رپيٽر سان گهرن ۾ گهڙي نشي ۾ ڌت ٿي اچي ويٺا، جنهن تي راجا عرف راجو مهر پوليس کان پڇا ڪئي ته اوهان هتي ڇو آيا آهيو، جنهن ته پوليس فائرنگ ڪري نوجوان راجا مهر کي قتل ۽ مٺل مهر کي زخمي ڪري ڇڏيو، ويتر پنهنجي پوليس وارن کي پاڻ گوليون هڻي ماري ان جو الزام اسان مٿان لڳائي سڄي ڳوٺ کي پريشان ڪيو ويو، جڏهن ته اسان وٽ هٿيار نه هئا ۽ ايس ايڇ او عاقل ايٽ پير شير اسان جي گهرن ۾ ڌاڙيلن جيان اچي فائرنگ ڪئي، اسان وٽ ڪي منشيات فروش يا ڏوهاري نٿا رهن نه ئي اسان ڏوهاري آهيون. ايس ايڇ او طالب جوڻيجو پنهنجي اهلڪارن کي ماري انهن جي ڪوڙي ايف آءِ آر اسان مٿان داخل ڪئي آهي، اسان اهڙي دانهن پنهنجي مهر برادري جي چڱن مڙسن ۽ سيال ڀائرن کي ڏني آهي، هنن چيو ته نوجوان مٿان ڪو ڪيس داخل نه هو اسان پر امن شهري آھيون، ايس ايڇ او پئسا وٺي ماري ڇڏيو آهي. ڊي آ جي لاڙڪاڻو پاران جيڪا ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي ان تي اسان کي اعتماد آهي. اسان طارق انور سيال کي به جا واردات ڏيکاري آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي پوليس خلاف ڪارروائي ڪري ڪوڙو مقابلو ڏيکاريندڙ تي ڪيس داخل ڪري بيگناهه قتل ڪندڙ کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button