عالمي

نيوزيلينڊ حملي ۾ شهيد پاڪستاني لا بهادري جو وڏو اعزاز

ويلنگٽن :نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ مسجد تي ٿيل دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿي ويل نعيم راشد کي نيوزيلينڊ جي بهادري جي سڀ کان وڏو اعزاز سان نوازيو ويو آهي. رپورٽ موجب پاڪستان ڄائي نعيم راشد کي دهشتگرد حملي دوران خطرناڪ صورتحال ۾ بهادري جو مظاهرو ڪرڻ تي نيوزيلينڊ جي بهادري جي سڀ کان وڏي ميڊل سان نوازيو ويو. نعيم راشد گولي لڳڻ باوجود دهشتگرد کان هٿيار کسڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. نعيم راشد جو پٽ به ان ڪوشش دوران شهيد ٿي ويو هو. نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن جو چوڻ هو ته حملي خلاف مزاحمت نه ڪئي وڃي ها ته وڌيڪ جاني نقصان ٿي سگھيو پئي. حملي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندڙ غير معمولي ۽ ٻين لاءِ پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندڙ ماڻهو هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button