پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبارعالمي

40 ڪمپنين 3 ارب چيني يوآن جي سيڙپڪاري ڪئي:نونگ رونگ

اسلام آباد: پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ چيو آهي ته گوادر فري زون جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي. 40 ڪمپنين ساليانو 3 ارب چيني يو آن جي سيڙپڪاري ڪئي. نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي تعمير تيزي سان جاري آهي، 2023 ۾ هن تي فلائيٽ آپريشن شروع ٿي ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان ۾ چين جي سفير چيو ته سي پيڪ تحت هاڻي صنعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي جي شعبن ۾ تعاون تي به ڌيان ڏنو پيو وڃي. گوادر خطي ۾ واپاري مرڪز بڻجڻ جي رستي تي هلي رهيو آهي. هن چيو ته چين پاران گوادر ۾ تعمير ڪيل پيشيوراڻي ۽ ٽيڪنيڪي تربيتي مرڪز پاڪستاني عملدارن جي حوالي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته گوادر ايس بي ايڪسپريس وي جي تعمير هلندڙ مهيني جي آخر ۾ مڪمل ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button