اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي وڌيڪ 6 ڄڻا فوت،301 نوان ڪيس ظاهر

راولپنڊي : ملڪ ۾ ڪرونا جي روزاني هاڪاري ڪيسن جي شرح 0 ڏهائي 7 تي اچي وئي. ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 6 مريض فوت ۽ 301 ڪيس رڪارڊ ٿيا. ڪل فوتگين جو انگ 28 هزار 849 ٿي ويو. جڏهن ته تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 12 لک 90 هزار 214 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 301 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 44 هزار 32 سنڌ ۾ 4 لک 78 هزار 564 خيبرپختونخوا ۾ هڪ لک 80 هزار 825 بلوچستان ۾ 33 هزار 544 گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 428 اسلام آباد ۾ هڪ لک 8 هزار 198 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 627 ڪيس رپورٽ ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 42 هزار 895 ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن ۾ 301 ماڻهن ۾ ڪرونا جي تصديق ٿي. اين سي او سي مطابق ملڪ ۾ ڪرونا جي 704 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. جڏهن ته متاثرن جو ڪل انگ 12 لک 90 هزار 214 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ ڪرونا وگهي هڪ ڏينهن ۾ 6 ماڻهو فوت ٿيا، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 849 ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button