پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 8 مريض فوت، 149 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 8 مريض فوت ٿيا، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 7648 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 10327 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 149 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چئي. هن وڌيڪ چيو ته ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 8 مريض پنهنجيون حياتيون وڃائي ويٺا، جنهن سان فوتين جو انگ 7648 ٿي ويو آهي، جيڪو فوتين جي شرح جو 1 ڏهائي 6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 10327 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان 149 ڪيس ظاهر ٿيا، جيڪا 1 ڏهائي 4 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 6931936 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، جن مان 477610 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. انهن مان 97 ڏهائي 6 سيڪڙو يعني 465839 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 74 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 4123 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 3962 گهرن ۾، 22 آئسوليشن سينٽرن ۽ 139 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 131 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جن مان 10 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button