پاڪستانسنڌ

سنڌ ها ڪورٽ جي اسڪول مالڪن کي رهائشي پلاٽن تي ڪمرشل اسڪول بند ڪرڻ لا لکت ڏيڻ جي هدايت

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ رهائشي پلاٽن تي ڪمرشل اسڪول هلائڻ بابت اسڪول مالڪن کي سيشن ختم ٿيڻ کان پوءِ اسڪول بند ڪرڻ جو بيان لکت ۾ لکي ڏيڻ جي هدايت ڪندي ڪنٽومينٽ بورڊ فيصل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رهائشي پلاٽن تي ڪمرشل اسڪول هلائڻ بابت ايورسٽ گرامر هاءِ اسڪول ۽ ٻين اسڪولن جي درخواستن جي شنوائي ٿي. ڪنٽومينٽ بورڊ فيصل جي نوٽيس تي اسڪول جي مالڪن عدالت سان رابطو ڪيو.

درخواستگذار جي وڪيل عرفان عزيز ايڊووڪيت موقف ڏنو ته ڪراچي جي ڪنٽومينٽ بوردز به ڪمرشل اسڪول بند ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا، اسڪول بند ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر سيشن مڪمل ٿيڻ ڏنو وڃي. جسٽس ظفراحمد راجپوت موقف ڏنو ته اوهان جو سيشن ڪڏهن مڪمل ٿيندو، عرفان عزيز ايڊووڪيٽ موقف ڏنو ته مارچ اپريل تائين سيشن مڪمل ٿي ويندو. جسٽس ظفر راجپوت ريمارڪس ڏنا ته اوهان لکي ڏيو ته سيشن کان پوءِ اسڪول بند ڪري ڇڏيندا. عدالت اسڪول مالڪن کي سيشن ختم ٿيڻ کان پو اسڪول بند ڪرڻ جو بيان لکي ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button