پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ ڊمپرن جي ٽڪرن جي مختلف واقعن ۾ عورت سميت 4 ڄڻا فوت

ڪراچي: ڪراچي ۾ ڊمپرن جي ٽڪرن جي ٻن مختلف واقعن ۾ عورت سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، خبر موجب ڪالهه صبح ڪراچي جي علائقي گلشن معمار بس اسٽاپ ويجهو ڊمپر جي ٽڪر ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. زخمي ۽ فوتين کي عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو، فوتين مان ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ 19 ورهين جي محمد شڪيل، 28 ورهين ج خليل احمد جي نالي سان ٿي آهي.

جڏهن ته هڪ فوتي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، حادثي ۾ زخمي شخص جي سڃاڻپ 36 ورهين جي الهه ڏتي جي نالي سان ٿي آهي، پوليس موجب ڊرائيور واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. ڊمپر ڊرائيور جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ٻئي پاسي گلستان جوهر ملينيم مال ويجهو تيزرفتار ڊمپر 55 ورهين جي عورت سڪينه زال شاهه دين کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو. لاش ايڌي ايمبولنس جي ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button