سنڌ

رائيس ڪئنال مان واري کڻڻ سبب ڪپر ڪمزور، شهرين جو احتجاج

لاڙڪاڻي واسين رائيس ڪئنال مان واري کڻندڙ بااثر ٺيڪيدارن ۽ ضلعي انتظاميا خلاف روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي راحب چانڊيو، فدا حسين گوپانگ، زاهد چانڊيو، ملان چولياڻي سميت ٻين دانهيندي چيو ته رائيس ڪئنال مان واري کڻندڙ بااثر ٺيڪيدارن پاران واري کڻڻ سبب ڪيترن ئي مسئلن ۾ وٺجي ويا آهيون، رائيس ڪئنال مان ڏينهن رات مسلسل واري کڻڻ سبب ٽريڪٽرن جي اچ وڃ ۽ هيوي مشينن جي آوازن ڪارڻ سڪون تباهه ٿي ويو آهي، جڏهن ٽريڪٽر ڊرائيور ڦيرا وڌائڻ جي چڪر ۾ ٽريڪٽرن کي اسپيڊ سان هلائين ٿا، جنهن سبب بروهي برادري جي ٽن معصوم ٻارڙن سميت ڪيترائي معصوم ٻارڙا ٽريڪٽرن هيٺان چيڀاٽجي پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا آهن. هنن چيو ته هڪ ته حڪومت رائيس ڪئنال جي ڪڙن تي اربين روپيه خرچ ڪري پٿر گهرائي ۽ ڀتيون اڏي ڪنارن کي مضبوط ڪري ڇڏيو هو ته جيئن سيزن دوران چاڙهه سبب پاڻي اوور ٽاپ ٿي ڀرپاسي جي وسندين کي ڪو نقصان نه پهچي پر هتي رائيس ڪئنال مان واري کڻندڙ بااثر ٺيڪيدارن جي داداگيري ۽ هڪ هٽي سبب رائيس ڪئنال جا ڪنارا هنڌان هنڌان ڪٽي ٽريڪٽرن ۽ هيوي مشينن جي اچڻ وڃڻ لا رستا ٺاهيا ويا. رائيس ڪئنال ۾ چاڙهه سبب پاڻي ڪنارن کان ٽپي روڊ رستن کي به ٻوڙي پيو ڇڏي جنهن سبب نوان روڊ ۽ رستا به تباهه ٿيو وڃن، روڊ جي ٻئي پاسي آباد گهرن ڏانهن به پاڻي وڌڻ جي خدشي ڪارڻ اسان جون زندگيون خطري هيٺ هونديون آهن، واري سان ڀريل تيز رفتار ٽريڪٽر جڏهن رستن تان گذرن ٿا ته واري هوا ۾ اڏامجي اسان جي گهرن ۾ اچي پئي، جنهن سبب هتان جا ڪيترائي رهائشي ساهه جي تڪليف ۾ وٺجي ويا آهن ۽ اسان جو واري سبب کائڻ پيئڻ به حرام ٿي ويو آهي. هنن چيو ته پوليس ۽ ضلعي انتظاميا ٺيڪيدارن کان ڪميشن وٺي سندن خلاف ڪا ڪارروائي ڪرڻ لا تيار نه آهي. علائقي واسي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، وڏي وزير مراد علي شاهه سميت آبپاشي کاتي جي وزير کان مطالبو ڪيو ته خدارا هنن رائيس ڪئنال مان واري کڻندڙ بااثر ٺيڪيدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان جون زندگيون بچائي انصاف ڪيو وڃي ته جيئن اسان سڪون سان پنهنجي زندگي گذاري سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button