پشاور: پشاور هاءِ ڪورٽ ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف بغاوت جو ڪيس خارج ڪري ڇڏيو. پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ن ليگ جي اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر ۽ ٻين خلاف غداري ڪيس جي شنوائي ٿي، جنهن دوران عدالت محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪندي صفدر اعواڻ خلاف بغاوت جو ڪيس خارج ڪري ڇڏيو. فيصلو اچڻ بعد ڪيپٽن (ر ) صفدر چيو آهي ته آئون هن عدالت ۾ ايندو رهيس، ڪنهن کي انصاف ڏسڻو آهي ته خيبر پختونخوا جي عدالت ۾ اچي. آئون هن عدالت جو ٿورائتو آهيان، جتان مون کي انصاف مليو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close