پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي پوليس ذهني معذور تي تشدد جو ڪيس داخل نه ڪيو، احتجاج

ڪوٽ غلام محمد: ڊگهڙي شهر ۾ پٺاڻن جي هوٽل جي تندور تان ماني کڻڻ تان هوٽل مالڪ نوجوانن جي تشدد جو شڪار ٿيل ڪوٽ غلام محمد واسي ذهني معذور 19 سالن جي نوجوان ساجد علي عرف مالو گجر ۽ سندس والد يوسف گجر پريس ڪلب ڪوٽ غلام محمد آڏو ڊگهڙي پوليس ۽ جوابدارن جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. يوسف گجر صحافين آڏو دانهيندي چيو ته پٽ ذهني معذور آهي، ڊگهڙي ۾ هوٽل جي تندور تان ماني کڻڻ تان هوٽل مالڪ سعيد خان پٺاڻ ۽ سندس ساٿين منهنجي درويش پٽ ساجد علي عرف مالو گجر تي پٿرن ۽ لٺين سان حملو ڪري کيس زخمي ڪيو، جنهن سبب پٽ جي ٻانهن ٽٽي پئي، ڊگهڙي ٿاڻي پهتاسين ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بدران ٺاھه ڪرڻ چيو. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ذهني معذور پٽ تي وحشياڻو تشدد ڪندڙ هوٽل مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button