پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي جي مير فتح ٽالپر لائبريري 6 سالن کان غير فعال

ڊگھڙي: ڊگهڙي شھر جي جيمخانه ڪلب ۾ 2015ع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر اصغر جويو جي دور ۾ قائم ٿيل مير فتح خان ٽالپر لائبريري فعال نه ٿي سگهي. افتتاح وقت ڪجھه ڪتاب اسسٽنٽ ڪمشنر اصغر جويو جي دور ۾ خريد ڪري لائبريري جو افتتاح ڪرايو ويو، جنهن بعد ڪجهه ڪتاب اي سي ثناالله صدر جي دور ۾ خريد ڪيا ويا، جيڪي لائبريري جي المارين ۾ سجائي رکيا ويا، پر لائبريري انتظاميا جي لاپرواهي سبب 6 سالن کان غير فعال آهي، جنهن سبب شهر جا نوجوان ۽ شاگرد مطالعي ۽ پڙهائي ڪرڻ واري عمل کان محروم آهن. علم دوست ادبي ماڻھن جو چوڻ هو ته انتظاميا کي گهرجي ته لائبريري کي فعال بڻائڻ لا ڪتابن جو انگ وڌائڻ سان گڏ ادبي محفلون ۽ مختلف اسڪولن جي ٻارن کي گهرائي اسٽڊي سرڪل، تقريري ۽ سوالن جوابن جا مقابلا ڪرايا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button