سنڌڙي: سنڌڙي ۾ جمڙائو ڪئنال مان نڪرندڙ دوسو کيراھو جي پڇڙي جي آبادگارن پاڻي نه پچھڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي متاثر آبادگار حاجي ھمير حاجن درس، خان محمد درس، محبت مري، عبدالرحمان درس، دوست محمد درس، غلام رسول درس، يوسف درس، الياس درس ۽ ٻين چيو ته ديھ 130، 131، سي پوٺو ديهھ ۾ ماڻھو پاڻي نه پهچڻ ڪري لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن، ڪيتري عرصي کان شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي ناهي آيو، جنهن سبب پوکيل فصل سڪي تباهھ ٿي رھيا آھن، آبپاشي عملي جي ملي ڀڳت سان منڍ جا سمورا واٽر ڪورس ٽٽل ھجڻ ڪري اسان وٽ پاڻي نٿو پھچي، اسان عدالت ۾ وياسين، پر آبپاشي عملي عدالتي حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو. ھنن چيو ته سوين ايڪڙن جا اسان زميندار ھاڻ لڏپلاڻ ڪريون پيا، 2 سال اڳ شاخ جي لائينگ جو ڪم ٿيو، جنھن ۾ ڌڪا ھڻي اسان وٽ پاڻي پھچڻ نٿو ڏنو وڃي. نئين ڊائريڪٽر نارا ڪئنال جي اچڻ بعد ايڪسيئن، ايس ڊي او ۽ دارغو مقرر ڪري اسان کي ھٿ وٺي سڪايو پيو وڃي. ھنن وزير آبپاشي، ڪمشنر ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته عملي کي ھٽائي اڳوڻي ڊائريڪٽر منصور ميمڻ کي ٻيھر مقرر ڪيو وڃي ۽ اسان کي پاڻي ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close