پاڪستانسنڌ

آصف زرداري ٽنڊوالهيار پهچي ويو، آجياڻي ۾ شرڪت

ٽنڊوالهيار: اڳوڻو صدر آصف علي زرداري نوابشاهه جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد ٽن ڏينهن جي دوري تي ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ دريا خان مري پهچي ويو. ڳوٺ دريا خان مري پهچڻ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ ڪارڪنن “زندهه هي ڀٽو زندهه هي” جا نعرا هنيا. آصف علي زرادري پنهنجي ويجهي ساٿي غلام قادر مري سان ملاقات ڪئي ۽ غلام قادر جي ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪري ڪارڪنن سان ملاقات ڪئي. آصف علي زرداري دوري دوران پارٽي جا معاملا ڏسندو ۽ زمينن جو معائنو ڪندو. هو نئين تعمير ٿيندڙ بختاور آصفه ڀٽو هائوس جي ڪم جو به جائزو وٺندو. هوڏانهن آصف علي زرداري جي آمد جي موقعي تي روڊن کي چمڪايو ويو، جڳهه جڳهه تي پينافليڪس ۽ بينر لڳايا ويا. جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا. ان موقعي تي ايم پي اي هري رام ڪشوري لال، ذوالفقار شاهه ۽ ٻيا گڏ هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button